حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري

حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري

حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري

حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري: حافظ عبدالرزاق ولد عبدالمطلب مهراڻ، 1962ع ڌاري ڳوٺ واوڙي، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، هيءُ قرآن شريف جو حافظ آهي. ننڍي هوندي مال چارڻ ۽ محنت مزدوريءَ جو ڪم ڪيائين، 1984ع ڌاري ضلعي سانگهڙ ۾مدرسي ’صبغة الاسلام‘ ۾ داخل ٿيو، جتان عربي ۽ فارسي سکي ستن سالن ۾ درس نظامي مڪمل ڪرڻ بعد فيبروري 1990ع ۾ ’جامعه راشديهپير جي ڳوٺ ۾ دستاربند ٿيو. هن مولوي، فاضل عربي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪرڻ سميت 1989ع ۾ شهادة العاليه ( بي. اي عربي) ۾ پاڪستان سطح تي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جنهن تي مدرسه ضيا العلوم راولپنڊيءَ طرفان کيس انعام به مليو. ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪيائين. سندس مضمون ۽ مقالا ٽه ماهي مهراڻ، ماهوار الراشد، الهديٰ، السنڌ ۽ ضياءِ حرم (اردو) رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.
سندس تصنيف ڪيل ڪتابن ۾: (1) افهام القاري شرح صحيح البخاري (جلد اول)، (2) دُرالفتاويٰ (جلد اول- مفتي در محمد سڪندريءَ جون فتوائون، تـحقـيـق ۽ مـقدمـو)، (3) ديوان سعيد (فارسي جو سنڌي ترجمو ۽ تحقيق)، (4) مهراڻ منير شرح مير (عربي گرامر، (5) ڪشف الدين عن مسئلة رفع اليدين، (6) نسيم الڪاظمة القصيدة الهاشمية، (7) فصل الخطاب في ارشاد المعزيٰ والمصاب، (8) لڪياريءَ جا لال، (9) مهراڻ جا موتي (حصو اول)، (10) مهراڻ جا موتي (حصو ٻيو)، (11) معراج المومنين، (12) ميٽي انگ اڳـيـون، رواي ٻـيـو لکـن (نـاسـخ ۽ مـنـسوخ جو بحث)، (13) مظهر العقائد، (14) علم غيب، (15) نيون نيون ڳالهيون، (16) دقائق الاخبار (ترجمو)، (17) احڪام قرباني (اردو)، (18) احڪام و تاريخ قرباني (اردو)، (19) پيرانِ پگاره (اردو) شامل آهن.
حافظ صاحب اداري ’مڪتبھ حزب الاحناف‘ سانگهڙ جو باني آهي ۽ سندس نگرانيءَ هيٺ هڪ مدرسو هلي رهيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي شاگرد ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو